تازه ترين

غزه ۾ 3 سئو ڏينهن دوران اسرائيل جي ساڍا 3 هزار حملن ۾ ساڍا 39 هزار ماڻهو شهيد ۽ 91 هزارن کان وڌيڪ شهري زخمي

- Advertisement -
غزه ۾ 3 سئو ڏينهن دوران اسرائيل جي ساڍا 3 هزار حملن ۾ ساڍا 39 هزار ماڻهو شهيد ۽ 91 هزارن کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيا آهن. اسرائيلي حملن کي 300 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي غزه جي سرڪاري ميڊيا آفيس پاران جاني نقصان جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن. سرڪاري ميڊيا آفيس جي انگن اکرن موجب غزه ۾ انهن 300 ڏينهن ۾ اسرائيل طرفان 3 هزار 457 حملا ڪيا ويا ۽ 82 هزار ٽن ڌماڪيدار مادو اڇلايو ويو. رپورٽ موجب اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ غزه ۾ 39 هزار 480 ماڻهو شهيد ۽ 91 هزار 128 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 10 هزار ماڻهو گم آهن، اهڙي طرح غزه جي ڪل آبادي جو 6 سيڪڙو يا ته هن جنگ ۾ شهيد ٿي چڪو آهي يا زخمي ۽ غائب آهي. سرڪاري ميڊيا آفيس موجب شهيدن ۾ 16 هزار 314 ٻار ۽ 10 هزار 980 عورتون شامل آهن، 520 شهيدن جا لاش اجتماعي قبرن مان مليا، غزه ۾ به 35 ماڻهو خوراڪ جي کوٽ سبب حياتيون وڃائي ويٺا. غزه جي سرڪاري ميڊيا آفيس موجب حملن ۾ زخمي ٿيل شهرين مان 13 هزار زخمين ۽ بيمار ماڻهن کي فوري علاج لاءِ غزه کان ٻاهر موڪلڻ جي ضرورت آهي. انگن اکرن موجب غزه ۾ هر ماڻهو بي گهر ٿيڻ جون سختيون برداشت ڪري چڪو آهي، جڏهن ته غزه ۾ لڳ ڀڳ 1.7 ملين ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن موذي مرض ۾ مبتلا آهن….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
45 %
2.7kmh
19 %
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون