- Advertisement -
غوثپور ويجھو ٽرالر جي ٽڪر سبب چنگچي رڪشا ۾ سوار شخص چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.
تنگواني شاخ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر چنگچي رڪشا کي ٽڪر هنيو.
ٽڪر لڳڻ سبب چنگچي ۾ سوار ڳوٺاڻو انضمام الحق ڀيو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو.
ڳوٺاڻن جي اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جي مڙهه کي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو.
هوڏانهن حادثي بابت اطلاع ملڻ تي فوتي شخص جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.
ٻئي پاسي حد جي پوليس ٽرالر پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري ڇڏي آهي.
پوليس موجب حادثو تيز رفتاري ۽ ڪوهيڙي سبب پيش آيو آهي.- Advertisement -
