- Advertisement -
پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته پيپلزپارٽي عام چونڊون 8 فيبروري کان اڳتي ٿيڻ جي ڪنهن به صورت حمايت نه ڪندي، اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ توهين عدالت ڪري رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان امن امان جو جواز بڻائي چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿو، نوازشريف جي خاموشي مان لڳي ٿو ته پنجاب مان کيس موٽ نه پئي ملي، سپريم ڪورٽ طئه ٿيل شيڊيول تحت عام چونڊون 8 فيبروري تي يقيني بڻائي.
ڪراچي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني ۽ وقار مهدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته افسوس آهي ته ملڪ ۾ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، جنهن جي شروعات مولانا فضل الرحمان ڪئي، مولانا امن امان جو جواز بڻائي چونڊن ۾ دير چاهي ٿو.
هن چيو ته پيپلزپارٽي عام چونڊون 8 فيبروري کان اڳتي ٿيڻ جي ڪنهن به صورت حمايت نه ڪندي، اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ توهين عدالت ڪري رهيا آهن.
نثار کهڙي چيو ته اليڪشن کانسواءِ ملڪ عوام وٽ ناهي، شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي پوءِ ڀلي عوام جنهن کي به مينڊيٽ ڏي.
پ پ سنڌ جي صدر چيو ته پ پ خلاف اتحاد ٺاهيندڙ پارٽين کان سوالِ آهي ته هڪ بينر شهر ۾ لڳايو ويو، جنهن ۾ ٻهراڙيءَ وارن جو شهر تي قبضو نامنظور لکيل آهي.
نثار کهڙي چيو ته خبر پئي ته نوازشريف ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سندس خاموشيءَ مان لڳي ٿو ته پنجاب ۾ کيس موٽ نه ملي رهي آهي.
پ پ سنڌ جي صدر چيو ته سپريم ڪورٽ طئه ٿيل شيڊيول تحت عام چونڊون 8 فيبروري تي يقيني بڻائي، هو اليڪشن ڪميشن ملتوي ڪرڻ جي حمايت ڪنهن به صورت نه ڪندا.
ان موقعي تي ن ليگ سنڌ جي نائب صدر شيخ جاويد مير پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، سندس چوڻ هو ته بشير ميمڻ سان گڏ هلڻ ڏکيو ٿي ويو، جنهن ڪري هو پ پ ۾ شموليت ڪري رهيو آهي…..- Advertisement -
