- Advertisement -
غوثپور ڀرسان پوليس پاران ڏوهارين خلاف آپريشن دوران فائرنگ ۾ شهيد ٿيل اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارباب نندواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيوويو ته ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او جو گن مين ڪنڌڪوٽ واسي پوليس اھلڪار مظھر مشوري سخت زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب زخمي اهلڪار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ جوڪوڪاري گينگ جي روپوش ڏوھاري الھيار نندواني سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري ۽ اغوا ٿيل چئن مغوين جي بازيابي لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.
پوليس موجب ڏوهارين آپريشن دوران جديد هٿيارن سان پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن سبب اهلڪار شهيد ٿي ويو، واڌو نفري طلب ڪري ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو.
شهيد اهلڪار جي جنازي نماز ۾ ڊي آٰءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.- Advertisement -
