سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال نڪتا ته سنڌ سڪي ويندي:ڊاڪٽر قادر مگسي

- Advertisement -
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال نڪتا ته سنڌ سڪي ويندي ۽ سمنڊ جو پاڻي شاھبندر ۽ جاتي کي ٻوڙي تباھ ڪري ڇڏيندو. جاتي ۾ جاڳرتا ريلي جي قيادت بعد خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ کانپوءِ سمنڊ جو کارو پاڻي سجاول تائين پهچي ويندو ۽ پوءِ سنڌين کي پنهنجو موت ڏسڻ ۾ ايندو،  ان ڪري عملي جدو جهد ڪري درياهه کي بچائڻو پوندو. قادرمگسي چيو ته پ پ ۽ ن ليگ وارا گڏجي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪري نوان ڪئنال ٺاھي رھيا آھن ، ڪنهن به صورت ۾ درياهه مان ٻيا ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياهه بچايو جو پيغام کڻي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ وڃي عوام کي سجاڳ ٿيڻ جو پيغام ڏئي رھيا آھيون. ھڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر قادرمگسي چيو ته وڪيل قانون جي بالادستي لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھن، سندن جدوجهد جي حمايت ڪريون ٿا. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ پوليس ڏوھن ۾ ملوٽ آھي،  ايس ايس پي حيدرآباد کي فوري ھٽائڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
19%
3.5m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون