- Advertisement -
فرانسيسي صدر امانيول ڪيمرون آمريڪي صدر جي غزا سان لاڳاپيل منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته 20 لک ماڻهن کي اهو نٿو چئي سگهجي ته اوهان ڪنهن ٻي هنڌ هليا وڃو، فلسطينين ۽ سندن عرب پاڙيسرين جي عزت ۽ احترام جو خيال ڪيو وڃي، هي ريئل اسٽيٽ آپريشن نه هي سياسي آپريشن آهي، سويلين کي نشانو بڻائڻ وارو ايڏو وڏو آپريشن درست ناهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي رد عمل ڏيندي امانيول ڪيمرون چو ته هي ريئل اسٽيٽ آپريشن نه هي سياسي آپريشن آهي.
سندس چوڻ هو ته 20 لک ماڻهن کي اهو نٿو چئي سگهجي ته اوهان ڪنهن ٻي هنڌ هليا وڃو، فلسطينين ۽ سندن عرب پاڙيسرين جي عزت ۽ احترام جو خيال ڪيو وڃي.
فرانسيسي صدر امانيول ڪيمرون چيو ته هن هميشه اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان پنهنجي اختلاف جو وچن ورجايو آهي، سويلين کي نشانو بڻائڻ وارو ايڏو وڏو آپريشن درست ناهي.- Advertisement -
