تازه ترين

فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني لارجر بينچ ٽٽي وئي

- Advertisement -
فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني لارجر بينچ ٽٽي وئي جسٽس سردار طارق مسعود پاڻ کي بينچ کان ڌار ڪري ڇڏيو. جسٽس سردار طارق مسعود فوجي عدالتون غيرآئيني قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيلن بابت 6 رڪني بينچ جي سربراهي ڪري رهيو هو. ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته هو بينچ تي اعتراضن کي پهريان ٻڌندا. جواد ايس خواجا جي وڪيل بينچ تي اعتراض اٿاريندي چيو ته بينچ جي ٻيهر جوڙجڪ لاءِ معاملو ججز ڪميٽي کي اماڻيو وڃي. لاهور بار جي وڪيل حامد خان ڪيس ۾ دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي جسٽس سردار طارق مسعود رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن کين ڪيس ٻڌڻو ئي ناهي ته دليل نه ڏيو، سندن تي اعتراض اٿاريا پيا وڃن ته هو ڪيس کان ڌار ٿي وڃي. عدالت بينچ جوڙڻ لاءِ معاملو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو. عدالت چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي لارجر بينچ جوڙي، فوجي عدالتن جي عام شهرين جو ٽرائل جاري رکڻ جو منع نامو برقرار رهندو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
46 %
3.6kmh
41 %
اڱارو
26 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون