تازه ترين

نگران حڪومت 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کان اڳ اهم فيصلن جي تياري

- Advertisement -
نگران حڪومت 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کان اڳ اهم فيصلن جي تياري ڪري ورتي، وزيراعظم ٽن صوبن جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن ۾ 5 سالن وارو منصوبو پيش ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ 121 ارب جي ماليت جي 76 صوبائي منصوبن تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪيو ويندو. ذريعن موجب، پارليامينٽرينز جي اسڪيمن تي 29 ارب رپين جي ڪٽوتي جون تجويزون منظوري لاءِ پيش ڪيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس به اڄ ٿيندو. حڪومتي ذريعن موجب، وفاق ۽ صوبن جي گڏيل منصوبن تي عمل توڙي صوبن جي وفاق جي ذمي بقايا بابت معاملن جو جائزو ورتو ويندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
46 %
3.6kmh
41 %
اڱارو
26 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون