- Advertisement -
فيض گنج ڀرسان پرائمري اسڪول جي عمارت نه هجڻ ڪري ٻارڙا سخت ٿڌ ۾ خيمي ۾ ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن.
شاهه محمد سانگي جي پرائمري اسڪول اسڪول جي ڊهي پيل عمارت جي هن وقت تائين تعمير نه ٿي سگهي آهي.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هن جديد دور ۾ به سوين ٻارڙا خيرات ۾مليل خيمي گاهه ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن.
هنن چيو ته سال 2022 واري ٻوڏ ۾ اسڪول جي عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي هئي، جيڪا هن وقت تائين تعمير نه ٿي سگهي آهي.
ڳوٺاڻن تعليم واري وزير کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت جي فوري تعمير ڪرائي ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي..- Advertisement -
