تازه ترين

فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ دشمن کي فيصلائتو جواب ڏنو: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ دشمن کي فيصلائتو جواب ڏنو، پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي اڳرائي جو متوازن ۽ فيصلائتو جواب ڏنو، ڀارتي جهازن سميت مختلف فوجي ٿاڪن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، پاڪستان دنيا کي واضح پيغام ڏنو ته هو پنهنجي خودمختياري تي ڪابه سوديبازي نه ڪندا. حق جي جنگ کي سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي پيغام ۾ اسحاق ڊار چيو ته حق جي جنگ جي پهرين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، اڄ سندن قومي تاريخ جو هڪ فيصلائتو باب آهي، رڳو ڪلينڊر جي هڪ تاريخ نه پر جرئت، اتحاد ۽ عزم جو داستان آهي. سندس چوڻ هو ته هو پاڪستاني قوم کي متحد ٿيڻ تي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪري ٿو، عوام، هٿياربند فوجن جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪري ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته جڏهن قوم متحد ٿي ويندي آهي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان جي بنيادن کي لوڏي ناهي سگهندي، حق جي جنگ ۾ قوم جو اتحاد سندن سڀ کان وڏي طاقت ثابت ٿيو. اسحاق ڊار چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ دشمن کي فيصلائتو جواب ڏنو، پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي اڳرائي جو متوازن ۽ فيصلائتو جواب ڏنو. هن چيو ته ڀارتي جهازن سميت مختلف فوجي ٿاڪن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، پاڪستان دنيا کي واضح پيغام ڏنو ته هو پنهنجي خودمختياري تي ڪابه سوديبازي نه ڪندا. نائب وزيراعظم چيو ته فعال سفارتڪاري ذريعي عالمي سطح تي پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، ڪشمير سميت بنيادي تڪرار جي حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ممڪن نه آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.7 ° C
27.7 °
27.7 °
15 %
3kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون