تازه ترين

هرمز لنگهه تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز تي هڪ ٻئي تي ميزائل حملا ڪيا

- Advertisement -
هرمز لنگهه تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز تي هڪ ٻئي تي ميزائل حملا ڪيا ويا آهن. آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي تي حملن جو الزام جو مڙهي رهيا آهن. رپورٽن موجب گذريل رات هرمز جي لنگهه ۾ آمريڪي نيوي ۽ ايراني فوج وچ ۾ جهڙپون شروع ٿيون. چڪرين دوران هڪ ايراني ملاح شهيد ٿي ويو، 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته چار ماهيير گم آهن. ايران تيل ٻاهر موڪلڻ ۾ رنڊڪ وجهڻ جي الزام هيٺ وڌيڪ هڪ آئل ٽينڪر ضبط ڪري ڇڏيو، آمريڪي فوج ايراني جهنڊن وارن ٽن آئل ٽينڪرن کي غير فعال ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي سرڪاري اداري فوجي عهديدار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايراني فوج دشمن يونٽس تي ميزائل فائر ڪيا، اها ڪارروائي ن وقت ڪئي وئي، جڏهن آمريڪا هرمز لنگهه ۾ ايراني آئل ٽينڪر کي نشانو بڻايو، ايراني حملي ۾ آمريڪي يونٽس کي نقصان پهتو. ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري موجب اولهندي تهران ۾ ايراني فضائي دفاعي نظام کي فعال ڪيو ويو آهي. ايراني ميڊيا موجب ملڪ جي ڏاکڻي علائقي بندر عباس ۽ قشم ٻيٽ ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌايا ويا، قشم ۾ ڌماڪن جو سبب فضائي دفاعي نظام جي ڪارروائي هئي، جنهن ۾  ڪيترن ئي ننڍن ڊرونز کي روڪيو ويو، جڏهن ته بندر عباس ۾ فضائي دفعي نظام 2 ڊرونز ڪيرايا آهن. ايران جي نيم سرڪاري خابرو اداري فارس موجب ايرني فوج ۽ آمريڪي نيوي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران قشم ٻيٽ ۾ بهمن بندرگاهه جي واپاري علائقي جي ڪجهه حصي کي نشانو بڻايو ويو. ٻئي طرف آمريڪي سينٽ ڪام جو چوڻ آهي ته نار عمان ۾ ايراني بندرگاهه ۾داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ايراني جهنڊا لڳل ٻن خالي ٽينڪرن تي گوليباري ڪري انهن کي ناڪاره بڻايو ويو آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
12 %
4.4kmh
37 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون