- Advertisement -
قانون واري وزارت اسلام آباد هائيڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي.
قانون واري وزارت جسٽس شوڪت صديقي جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب، جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن رد تصور ٿيندو.
ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري 3 مئي تي شوڪت صديقيءَ جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
صدر، جسٽس شوڪت صديقي کي جج جي عهدي تان هٽائڻ بابت 11 آڪٽوبر 2018ع جو نوٽيفڪيشڻ به واپس وٺڻ جي منظوري ڏني هئي.
صدر آصف علي زرداري قانون واري وزارت جي تجويزن جي منظوري وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائس تي ڏني هئي.- Advertisement -
