- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار موجود آهن، هاڻي هو خريد ڪري پوليس حوالي ڪندا، سندن پوليس جي جوانن گهڻيون جان جون قربانيون ڏنيون آهن، پنجاب پوليس طرفان ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو، آپريشن ۾ چار کان پنج ڌاڙيل مارجي ويا، فائنل رپورٽ ايندي، صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي ته ڌاڙيلن ۽ مددگارن کي برداشت نه ڪندا، ڏوهن ۾ ملوث ڪنهن سردار يا بااثر شخص کي برداشت نه ڪندا.
سکر ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثاري کهڙي ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته سندس خيال ۾ ايتريون خراب حالتون ناهن جو ڪو روڊ تي هل نه سگهي، امن امان جي صورتحال تسلي بخش ناهي، هڪ واردات به وڌيڪ آهي، الله جو شڪر آهي ڪاروبار هلي رهيو آهي.
بگٽي قيبلي جي ماڻهن بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پوليس سان گڏ بگٽي قبيلي جا ماڻهو مدد ڪري رهيا آهن، هو ڌاڙيلن جو خاتمو ڪندا، ملڪ نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ناهن، چئني صوبن کي ڏکئي وقت ۾ گڏ رهڻ گهرجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو وفاقي حڪومت جو حصو ناهن پر ملڪ خاطر سپورٽ ڪري رهيا آهن، سنڌ جي مفاد کي هو ڪڏهن به داءَ تي نه لڳائيندا، ڪي پي وارا به پنهنجي مفاد کي داءَ تي نه لڳائيندا، بنا جواز واويلا ڪرڻ ٺيڪ ناهي.
هن چيو ته هو ته اهو چوندو ته ملڪ جي بهتري پهريان سوچيو پوءِ ڪنهن هڪ شخص لاءِ سوچيو، هڪ شخص جي ڪري اوهان سڄي ملڪ جي عوام کي داءَ تي نٿا لڳائي سگهو، سڀني کي خبر آهي ته 2022ع ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ آئي هئي، هنن به سڄي سنڌ جا دورا ڪيا هئا.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صورتحال ڏسي مشڪل لڳي رهيو هو ته هو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هاڪاري هدايت ۽ هر وقت مدد حاصل رهي، وڏي خوش قسمتي هئي ته بلاول ڀٽو زرداري ان وقت پرڏيهي وزير هو.
سندس چوڻ هو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ورلڊ بينڪ، ايشين ڊوولپمينٽ ينڪ ۽ اسلامڪ ڊولپمينٽ بينڪ کان وسيلا جمع ڪيا، هي ڪو سولو ڪم نه هو، ٽن مهينن اندر هڪ ڏهائي ست ارب ڊالرن جي فنڊنگ ڪئي هئي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان هڪ ارب ڊالر لاءِ سالن جا سال جدوجهد ڪندو آهي ۽ ڪڏهن بجلي جا اگهه وڌائيندو آهي، هنن رڳو ماڻهن جي بحالي واري صورتحال تي حاصل ڪيا، هنن پنهنجي ايريگيشن نيٽ ورڪ کي درست ڪيو.
مراد علي شاهه چيو ته گذريل سال سندن ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو ۽ هن سال به ٿيو آهي، سنڌ حڪومت 21 لک گهر ٺاهڻ جي اسڪيم شروع ڪئي جنهن ۾ 6 لک گهر ٺهي ويا، هي گهر موسمياتي تبديلي تحت بڻايا ويا آهن جيڪڏهن اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿي ته سندن ماڻهو تنبن ۾ نه ويندا.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو ائين نٿو چئي ته سندن سموري تياري ٿي وئي آهي، لڳ ڀڳ 3 ڏهائي 5 بلين ڊالرز جي ايريگيشن فنڊنگ گهري آهي ته جيئن اهڙي ٻوڏ جو مقابلو ڪري سگهن، اهڙي قسم جي رقم سندن وٽ موجود ناهي، هو ڪوشش ڪري رهيا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته 2022ع ۾ آيل ٻوڏ ڪڏهن آئي نه هئي ۽ نه ئي کين اميد هئي، سڀ چوندا آهن دبئي هلو، هاڻي ڪو نٿو چئي دبئي هلو، ڇو ته اتي ٻيڙي گڏ کڻي وڃڻي پوندي.- Advertisement -
