- Advertisement -
وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي آخري قسط جي جاري ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو آءِ ايم ايف جي آخري قسط هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر ملڻ سان پاڪستان ۾ وڌيڪ معاشي استحڪام ايندو.
هن چيو ته آءِ 16 مهينن جي حڪومت دوران پاڪستان کي ڊفالٽ کان بچائڻ ۾آءِ ايم ايف سان معاهدو اهم ثابت ٿيو.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي تحفظ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪيا ويا، پر انهن جو نتيجو معاشي استحڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي.
هن چيو ته الله پاڪ معيشيت بهتر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، ڀرپور محنت ڪبي، پاڪستان کي معاشي ترقي ڏيارينداسين.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته قرض وٺڻ ڪاميابي ناهي، ڪاميابي ان ڏينهن ايندي جنهن ڏينهن قرضن مان ڇوٽڪارو ملندو، جيڪڏهن محنت جو تسلسل جاري رهيو ته قرضن مان ڇوٽڪارو ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو.
وزيراعظم ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سميت سموري معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هو آءِ ايم ايف جي ايم ڊي جو به ٿورائتو آهي، جنهن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو.- Advertisement -
