تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪتي جي قبر ۽ حيدرآباد ۾ حسن علي آفندي جو مقبرو قومي ورثو قرار

- Advertisement -
سياحت ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي ڪوششن سان ڪتي جي قبر ۽ حسن علي آفنديءَ جي قبر توڙي قبرستان کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ ۾ وڌيڪ ٻه هيريٽيج سائٽن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ سياحت ۽ ثقافت کاتي جي ترجمان چيو ته سيد ذوالفقار علي شاهه جي ڪوششن سان قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ڪتي جي قبر هيريٽيج سائٽ ۽ حيدرآباد  ۾ حسن علي آفنديءَ جي قبر ۽ قبرستان کي به هيريٽيج قرار ڏنو ويو آهي. ترجمان چيو ته سنڌ ڪلرچل هيريٽيج  ايڊوائزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻنهي سائٽن کي هيريٽيج قرار ڏنو ويو. سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ موجود قديمي ۽ تاريخي ورثن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، قمبر شهدادڪوٽ جي عوام مطالبو هو ته ان سائٽ کي قومي ورثو قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته حسن علي آفندي رول ماڊل شخصيت آهي، ان تي وڌيڪ  ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ترڪيءَ جي ماهرن جي مدد سان حسن علي آفندي جي مزار تي ڪم شروع ڪيو ويدنو. سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته، وڏو وزير تاريخي ۽ ثقافتي ورثن جي بحالي ۽ حفاظت لاءِ پاڻ به  سرگرم آهي،  بلاول ڀٽو زرداري جون خاص هدايتون آهن ته صوبي جي قديمي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ بڻايو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون