تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

موسمياتي تبديلين سبب زراعت کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي؛ پير پاڳارو

- Advertisement -
حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب زراعت کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، معاشي طور بحالي لاءِ چوپايو مال پالڻ گهرجي، پاڪ فوج جو احترام ڪري اداري جو احترام ڪيو وڃي، ڪمزور فوج وارا ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن. حرن جو روحاني پيشوا پير پاڳارو مديجي جي آئيجو ڳوٺ ۾ فقير علي نواز ناريجو ۽ فقير احمد نواز جي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، جتي سنڌ سميت ملڪ جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ دعا گهري وئي. پير پاڳاري مريدن کي پيار، محبت ۽ ڀائيچاري سان هلڻ هڪٻئي جي ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ توڙي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو پيغام ڏنو. پير پاڳاري ڳوٺ خدابخش بروهي پهتو جتي فقير محمد خان بروھي، حاجي سڪندر بروھي، گلزار بروهي، خدابخش بروهي ۽ ٻين گلن سان آجيان ڪئي ۽ سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ پيش ڪيو. پير پاڳاري مريدن کي ديدار ڪرايو ۽ خير جي دعا گهري. پير پاڳاري مرزا پور ۾ رات گذاري ۽ ڳوٺ علي محمد ڪيهر ۾ فقير غلام عباس ڪيهر جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مريدن کي ديدار ڪرايو ۽ خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلين سبب زراعت کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، معاشي طور بحالي لاءِ چوپايو مال پالڻ گهرجي، پاڪ فوج جو احترام ڪري اداري جو احترام ڪيو وڃي، ڪمزور فوج وارا ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن. خطاب بعد حرن جو روحاني پيشوا پير پاڳارو، خليفي مينهل فقير جي دعوت تي پهريون ڀيرو نئون ديرو ڀرسان سعدو ديرو وٽ سکر – لاڙڪاڻو روڊ تي قائم ڪيل ميڙاڪي واري هنڌ پهتو. ميڙاڪي واري هنڌ جهڏي کان پهتل جيوڻ فقير پيرن ۾ ڇير پائي پير پاڳاري جي آمد جي خوشيءَ ۾ روايتي رقص پيش ڪيو. پير پاڳاري جي آمد تي جماعت جي فقيرن، عقيدتمند ۽ مريدن جذباتي انداز ۾ ڀيڄ پاڳارا جا نعرا هنيا. پير پاڳاري ميڙاڪي واري هنڌ قائم ڪيل روايتي ٿلهي تي اچي فقيرن، عقيدتمند ۽ مريدن کي ديدار ڪرايو ۽ اجتماعي طور ملڪ جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ دعا گهري. ميڙاڪي واري هنڌ پير پاڳاري جي ناشتي جو خصوصي انتظام پڻ ڪيو ويو جڏهن ته شريڪ فقيرن کي پڻ ننگر ڪرايو ويو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
36 %
4.3kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون