- Advertisement -
ملڪ ۾ مسلسل هڪ مهينو مهانگائي جي شرح ۾ اضافي بعد پنجين هفتي مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، هلندڙ هفتي ۾ مهانگائي جي شرح ٻڙي ڏهائي 73 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته سالياني بنياد تي مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 22 ڏهائي 88 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ چيو ويو ته هلندڙ هفتي عام واهپي جي ارڙهن شين جي اگهن ۾ اضافو، 8 جا اگهن ۾ گهٽتائي ۽ 25 شين جا اگهه برقرار رهيا.
رپورٽ موجب ٽماٽو، 25 ڏهائي 25 سيڪڙو، ڪڪڙ 14 ڏهائي 20 سيڪڙو، بصر 3 ڏهائي 90 سيڪڙو، ٿوم 2 ڏهائي 80 سيڪڙو، بريڊ جي قميت ۾ ٻڙي ڏهائي 81 سيڪڙو، آنا جا اگهه ٻڙي ڏهائي ٻڙي 9 سيڪڙو ۽ چانور جي اگهن ۾ ٻڙي ڏهائي 15 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
شماريات کاتي موجب ايل پي جي 5 ڏهائي 38 سيڪڙو مهانگي ٿي، چڻن، مڱن، ماش ۽ مهريءَ جي دال جا اگهه به وڌيا.- Advertisement -
