- Advertisement -
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو، جنهن جو 42 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام چئين وڳي طلب ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل ايجنڊا موجب، حڪومت طرفان اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو هڪ وڌيڪ بل پيش ڪيو ويندو.
اليڪسن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پرائيوٽ ميمبر بل طور پيش ڪيو ويندو ۽ اسيمبلي ميمبر بلال اظهر ڪياني بل پيش ڪندو جڏهن ته زيب جعفر اليڪشن ايڪٽ جو ٻيو ترميمي بل 2024 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندو.
ان کان علاوه ايجنڊا ۾ توهين عدالت بابت قانون کي رد ڪرڻ ۽ آرٽيڪل 184 ۾ ترميم بابت آئيني ترميمي بل به شامل آهي، اجلاس ۾ جي يو آءِ جو نور عالم خان توهين عدالت قانون کي رد ڪرڻ جو بل پيش ڪندو……- Advertisement -
