تازه ترين

وزيراعظم محمد شهباز شريف طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ايران جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
وزيراعظم محمد شهباز شريف طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ايران جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. شهباز شريف جي گذريل ڏينهن اوچتو طبيعت خراب ٿي پئي جنهن ڪري هن سڀئي مصروفتيون رد ڪري ڇڏيون هيون، ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. ذريعن موجب، طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري وزيراعظم شهباز شريف ايران جو دورو به ملتوي ڪري ڇڏيو، کيس نئين ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيزشڪيان جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران وڃڻو هو. وزيراعظم طرفان دورو ملتوي ڪرڻ کانپوءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار وفد سميت اڄ ايران پهچندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي آهي ته اسحاق ڊار جي قيادت ۾ پاڪستان جو وفد ايران جي نئين صدر جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾شرڪت ڪندو. ترجمان موجب،  ايراني صدر جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو دورو ٻنهي ملڪن جي قيادت جي سطح تي رابطن ۽ ٻه طرفي سهلڪار کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جي تصديق ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
12 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
32 %
1kmh
1 %
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون