- Advertisement -
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ 12:30 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿي رهيو آهي.
اجلاس جي صدارت اسپيڪر اياز صادق ڪندو.
اجلاس جو 3 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي.
اڄ به آئيني ترميمي بل ايجنڊا ۾ شامل نه آهي.
گهرو وزير محسن نقوي شهريت ايڪٽ ترميمي بل 2024 اجلاس ۾ پيش ڪندو.
پارليامينٽ ۾ صدر جي خطاب تي شڪريو ادا ڪرڻ واري قرارداد تي بحث جاري رهندو.
ميڊيا جي ڊائريڪٽر جنرل جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس لاءِ پارليامينٽ هائوس جي احاطي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويندا.
سندس چوڻ آهي ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري اجلاس ۾ مهمانن جي داخلا تي پابندي آهي.
هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي گذارش آهي ته اجلاس ۾ مهمانن کي گڏ نه آڻين.
قومي اسيمبلي جي ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا جو چوڻ آهي ته ميڊيا نمائندا ويلڊ پريس گيلري ڪارڊ کانسواءِ پارليامينٽ هائوس جي احاطي ۾ داخل نه ٿي سگهندا……..- Advertisement -
