تازه ترين

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڄ شام پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندا

- Advertisement -
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڄ شام پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندا، حڪومت طرفان 3 اهم بل منظور ڪرائڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس شام 4 وڳي جڏهن ته سينيٽ جو شام 6 وڳي ٿيندو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس جو 7 نقاطي ايجنڊا پڻ جاري ڪيو ويو آهي. قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ترميمي آرڊيننس ايوان ۾ پيش ڪندو. ذريعن موجب آرڊيننس کي بل جي صورت ۾ پيش ڪري اڄ ئي منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب بل ذريعي آئيني عدالت جي سربراهه کي به بئنچز جوڙڻ لاءِ ججز ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز آهي. عالمي رينڪنگ ۾ پاڪستاني عدليه جو 129 هون نمبر هئڻ بابت ڌيان ڏياريو نوٽيس به ايجنڊا ۾ شامل آهي. پي آءِ اي جا ڪيترائي جهاز گروانڊ هئڻ جو معاملو به اٿاريو ويندو. سپريم ڪورٽ ججز جي تعداد ۾ اضافي جو بل به منظور ڪرائڻ جو امڪان آهي. دهشتگردي ٽُڙ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل به اڄ ئي منظور ڪرائڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. حڪمران اتحاد طرفان سمورن پارليامينٽ ميمبرن کي ايوان ۾ پنهنجي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٽنهي قانونن جي منظوري لاءِ حڪومت کي ايوان ۾ موجود ميمبرن جي ساده اڪثريت گهربل هوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون