تازه ترين

قومي راڳي ٻيجل سنڌي کي ٽنڊي محمد خان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

- Advertisement -
قومي راڳي ٻيجل سنڌي کي ٽنڊي محمد خان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻيجل سنڌي ڳلي جي ڪينسر سبب ٽنڊي محمد خان جي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو. اسپتال مان قومي راڳي ٻيجل سنڌي جو مڙهه سندس گهر پهچايو ويو ته روڄ راڙو مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار بڻجي ويو. ٻيجل سنڌي جي جنازي نماز ۾ سنڌ جي قومپرست سياسي ۽ ادبي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ٻيجل سنڌي جو مڙهه هزارين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. قومي راڳي ٻيجل سنڌي جي آخري سفر ۾ شامل قومپرست اڳواڻن، ڊاڪٽر دودو مهيري، نوازشاهه ڀاڏائي، محمد راحمون، ثمر جتوئي،  ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري ۽ ٻين سندس وڇوڙي کي سنڌ جي راڳ لاءِ وڏو سانحو قرار ڏنو آهي. ٻي طرف سنڌي ادبي سنگت طرفان ٻيجل سنڌي جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ ۾ سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
28 %
1.1kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون