قومي مفاد ۾ تحريڪ انصاف سميت سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن: سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني

- Advertisement -
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قومي مفاد ۾ تحريڪ انصاف سميت سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، سياستدانن کي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ کپن، هن وقت وزيراعظم شهباز شريف کي سياسي پارٽين جي ڳالهي جي سربراهي ڪرڻ کپي، هن وقت ٽيم جو ڪپتان وزيراعظم آهي کين فيصلو ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته وزيراعظم ڪو فيصلو ڪندو ته نيشنل سڪيورٽي ۽ قومي معاملن تي سندس ساٿ ڏيندا، ون پوائنٽ ايجنڊي تي ملڪ جي سڪيورٽي ۽ تحفظ لاءِ سمورين پارٽين کي اختلاف وساري هڪ ٿيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي هميشه ڳالهيون ڪيون آهن، پ پ اپوزيشن ۾ نواز شريف سان ڳالهيون ڪيون، چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ڪيون، مولانا فضل الرحمان سان پراڻا لاڳاپا آهن، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته هو چاهن ٿا ته گڏجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن، کين گڏيل اختلاف وساري ڪري عوام لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، عهدا ايندا ويندا آهن، ملڪ ۽ قوم جو خيال رکو، معاشي ترقي پاليسين جي تسلسل سان آهي، ملڪي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اوهان ڪنهن ليڊر سان اختلاف ڪري سگهو ٿا، پاڪستان سان نه، پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي فورسز پنهنجو اڄ اوهان جي مستقبل تي قربان ڪري رهيون آهن. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته سمورين پاڙيسرين کي اپيل ڪن ٿا ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، پاڪستان ڪنهن سان ويڙهه نٿو چاهي پر پاڪستان تي ڪنهن قسم جو حملو ٿيو ته قوم گڏجي جواب ڏيندي، عوام ملڪ کي مضبوط رکڻ لاءِ  هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
37%
2.7m/s
0%
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون