لاهور جي قومي تڪ اين اي 119 جي سيٽ تان پي ٽي آءِ اميدوار، مسلم ليگ ن جي مريم نواز جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

- Advertisement -
لاهور جي قومي تڪ اين اي 119 جي سيٽ تان پي ٽي آءِ اميدوار، مسلم ليگ ن جي مريم نواز جي حق ۾ هٿ کڻي ويو، مريم نواز جو چوڻ آهي ته ايندڙ پنجن سالن تائين عوام جي خدمت جي ايجنڊا بڻائي چڪا آهن، پاڻي، بجلي ۽ گئس سميت عوام جو هر مسئلو حل ڪيو ويندو، مهانگائي ۽ مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ نواز شريف جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. پي ٽي آءِ ٽڪيٽ هولڊر مهر محمد وسيم پنهنجي ساٿين سميت ن ليگ ۾ شامل ٿي تڪ ۾ مريم نواز جي حمايت جو اعلان ڪيو. مهر محمد وسيم پنهنجي ساٿين سميت ن ليگ جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سينيٽر پرويز رشيد، مريم اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، خواجا عمران نذير ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. ان موقعي تي مريم نواز ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خدمت جا نشان آهن، خدمت ڪرڻ ڏکيو ڪم هوندو آهي. هن چيو ته امتحان ۾ صرف نواز شريف ۽ شهباز شريف سرخرو ٿيا، عوام کي خبر آهي ته ڪم ڪنهن ڪيا، سياسي انتقام ڪنهن ورتو ۽ ڪوڙ ڪنهن ڳالهايو. مريم نواز چيو ته پاڻي، بجلي ۽ گيس سميت عوام جو هر مسئلو حل ڪيو ويندو، ايندڙ 5 سال عوام جي خدمت جي ايجنڊا بڻجي چڪا آهن، عوام  مهانگائي ۽ مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ نواز شريف جو ساٿ ڏئي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
37%
2.7m/s
4%
آچر
24 °
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون