- Advertisement -
لاهور جي قومي تڪ اين اي 119 جي سيٽ تان پي ٽي آءِ اميدوار، مسلم ليگ ن جي مريم نواز جي حق ۾ هٿ کڻي ويو، مريم نواز جو چوڻ آهي ته ايندڙ پنجن سالن تائين عوام جي خدمت جي ايجنڊا بڻائي چڪا آهن، پاڻي، بجلي ۽ گئس سميت عوام جو هر مسئلو حل ڪيو ويندو، مهانگائي ۽ مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ نواز شريف جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ ٽڪيٽ هولڊر مهر محمد وسيم پنهنجي ساٿين سميت ن ليگ ۾ شامل ٿي تڪ ۾ مريم نواز جي حمايت جو اعلان ڪيو.
مهر محمد وسيم پنهنجي ساٿين سميت ن ليگ جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سينيٽر پرويز رشيد، مريم اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، خواجا عمران نذير ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.
ان موقعي تي مريم نواز ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خدمت جا نشان آهن، خدمت ڪرڻ ڏکيو ڪم هوندو آهي.
هن چيو ته امتحان ۾ صرف نواز شريف ۽ شهباز شريف سرخرو ٿيا، عوام کي خبر آهي ته ڪم ڪنهن ڪيا، سياسي انتقام ڪنهن ورتو ۽ ڪوڙ ڪنهن ڳالهايو.
مريم نواز چيو ته پاڻي، بجلي ۽ گيس سميت عوام جو هر مسئلو حل ڪيو ويندو، ايندڙ 5 سال عوام جي خدمت جي ايجنڊا بڻجي چڪا آهن، عوام مهانگائي ۽ مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ نواز شريف جو ساٿ ڏئي……….- Advertisement -
