تازه ترين

لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس علي باقر نجفي کي به شڪي خط ملي ويو

- Advertisement -
ججن کي ڌمڪين وارا خط ملڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي کي به شڪي خط مليو آهي. اسلام آباد هائيڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کانپوءِ لاهور هائيڪورٽ جي جج کي به شڪ خط مليو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس علي باقر نجفي کي شڪي خط ملڻ جي اطلاع بعد سي ٽي ڊي اختياريون ۽ پوليس لاهور هائيڪورٽ پهچي ويا. جسٽس علي باقر نجفي کي خط ملڻ بعد هاڻي هائيڪورٽ جي ججن کي ملندڙ خطن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪي خط کي سي ٽي ڊي حوالي ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽ جي ججن کي اماڻيل ڌمڪين وارن خطن جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ذريعن موجب، سي ٽي ڊي کي خطن مان مليل پائوڊر جي فرانزڪ رپورٽ ملي وئي آهي، خط ۾ مليل پاؤڊر ۾ آرسينڪ جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ خطن ۾ موجود پائوڊر ۾ آرسينڪ جو 10 سيڪڙو مقدار مليو آهي. ذريعن موجب پائوڊر ۾ وڌيڪ آرسينڪ جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ مقدار تمام زهريلو هوندو آهي، ان کي سنگهڻ سان انساني عضون تي سخت اثر پوي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي سب ڊويزنل پوسٽ آفيس سيٽلائيٽ ٽائون جي ليٽر باڪس ڀرسان لڳل سي سي ٽي وي وڊيو به حاصل ڪري ورتي آهي، وڊيو ۾ موجود ماڻهن جي سڃاڻپ نادرا ذريعي ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب، سي ٽي ڊي وڊيو ۾ موجود ڪجهه شڪي ماڻهن کان جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سميت 8 ججن کي شڪي خط مليا هئا، جن تي پائوڊر ۽ ڌمڪين جا نشان مليا هئا. سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ڌمڪيون ڏيندڙ خط ملڻ تي سي ٽي ڊي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
17 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
26 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون