- Advertisement -
لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته وليد ٿاڻي جي حد پاسپورٽ آفيس واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو.
پوليس موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جي نادر مڪول طور سڃاڻپ ٿي آهي.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري تي قتل، ڌاڙن، منشيات ۽ پوليس مقابلن جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن.- Advertisement -
