- Advertisement -
لاڙڪاڻي جي عدالت جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي جي دهشتگردي جي ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪندي مستقل ضمانت لاءِ 13 جنوري تي هڪ دفعو ٻيهر پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي ۽ سندس پٽ سميت ٻين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي، جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومري، ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ رياض چانڊئي سان گڏ عدالت پهتو.
جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي وڪيل جاويد بليدي ذريعي عدالت ۾ ضمانت جي درخواست ڏني.
عدالت جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي جي دهشتگردي جي ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪندي مستقل ضمانت لاءِ 13 جنوري تي هڪ دفعو ٻيهر پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي……….- Advertisement -
