تازه ترين

ٽنڊو ڄام: ٽنڊو يوسف پوليس جو مبينا مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

- Advertisement -
ٽنڊو ڄام ويجهو ٽنڊو يوسف پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪلهوڙا فلاءِ اوور تي گشت دوران جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار موٽرسائيڪل تي فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن جي سڃاڻ نعمان جوکيو جي نالي سان ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل نوجوان جي قبضي مان پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار کي طبي امداد لاءِ حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار مٿان ٽنڊو يوسف ٿاڻي تي پوليس مقابلي ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.7 ° C
32.7 °
32.7 °
25 %
4.8kmh
4 %
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون