لبنان ۾ پيجرز ڦاٽڻ سبب 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ ايراني سفير سميت 27 سئو 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا

- Advertisement -
لبنان ۾ پيجرز ڦاٽڻ سبب 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ ايراني سفير سميت 27 سئو 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب لبنان جي مختلف علائقن ۾ حزب الله ميمبرن جي پيجرز ۾  هڪ ئي وقت ڌماڪا ٿيا، رابطن لاءِ  استعمال ٿيندڙ  پيجر ڊوائسز ۾ ڌماڪن سان حزب جا ڪيترائي ميمبر زخمي ٿي پيا. لبنان جي صحت واري وزارت موجب سڄي ملڪ ۾ پيجرز ڦاٽڻ سبب 8 ڄڻا فوت ۽ 27 سئو 50 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب لبان ۾ سڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه لاءِ استعمال ٿيندڙ پيجرز ۾ منجهند 3 لڳي 45 منٽن تي شروع ٿيل ڌماڪا هڪ ڪلاڪ جاري رهيا. فوري طور اهو واضح نه ٿي سگهي ٿو، اوزارن مان ڪهڙيءَ ريت ڌماڪا ڪيا ويا، پر چيو پيو وڃي ته اسرائيل مبينا طور حزب الله جي استعمال هيٺ مواصلاتي اوزارن کي هيڪ ڪيو. پيجرز ڦاٽڻ سبب حزب الله جي وڙهاڪن ۽ طبي عملي سميت سوين ڄڻا زخمي ٿيا، ڌماڪن بعد سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. زخمين ۾ ايراني سفير مجتبيٰ اماني به شامل آهي، ايراني ميڊيا موجب مجتبيٰ امانيءَ جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
49%
4.9m/s
15%
خميس
23 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون