لوڊشيڊنگ جي خاتمي جون ڳالهيون غلط آهن، رڳو رائيونڊ ۾ بجلي ۽ باقي ملڪ ۾ اوندهه آهي: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لوڊشيڊنگ جي خاتمي جون ڳالهيون غلط آهن، رڳو رائيونڊ ۾ بجلي ۽ باقي ملڪ ۾ اوندهه آهي، پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ سڄي ملڪ مان ڪاميابي حاصل ڪندي، نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست کي ختم ڪيو ويندو. خضدار ۾ جلسي  کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪجهه قوتون پيپلزپارٽي کي نشانو بڻائي رهيون آهن، اهي قوتون نٿيون چاهين ته پ پ وفاق ۾ حڪومت ٺاهي. هن چيو ته سندس پارٽي دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي نشاني تي آهي، مستونگ ۽ تربت  ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن تي حملا ٿيا، دهشتگرد سمجهن ٿا ته بلاول ٻار آهي ڊڄي ويندو ته اها سندن ڀل آهي، ڀلي سِر هليو وڃي پر هو دهشتگردن اڳيان نه جهڪندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچستان جي عوام جي مسئلن کان واقف آهن، هو نه رڳو دهشتگردن جو مقابلو ڪندو پر گم ٿيل ماڻهن جو حل به ڪڍي سگهي ٿو، عوام کي خبر آهي ته رڳو پيپلز پارٽي ئي ملڪي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي، نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست کي ختم ڪيو ويندو، هو سمورين قوتن سان مقابلي لاءِ تيار آهن. پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن آصف زرداري جي آغاز حقوق بلوچستان جي منصوبي تي عمل ٿئي ها ته هتي اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين ها. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جو اصل مسئلو مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت آهي، پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا سمورن مسئلن جو مقابلو ڪري ڪاميابي حاصل ڪندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون