- Advertisement -
ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته 2018 کان شروع ٿيل نااهلي عوام 2022 تائين ڀوڳي، زوري آندل ماڻهن لاهور کي تباهه ڪري ڇڏيو، هاڻي شهر ۾ ڪير ڪچرو کڻڻ وارو به ناهي.
لاهور ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف کي ڪڍيو وڃي ته ملڪ ۾ تباهي کانسواءِ ڪجهه به ناهي رهندو.
هن چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته ڪم ڪنهن ڪيا ۽ سياسي انتقام ڪنهن ورتو.
مريم نواز چيو ته عوام کي خبر آهي ته ڪير ساڻن ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، ملڪ کي مسئلن مان ڇوٽڪارو رڳو ن ليگ ئي ڏياري سگهي ٿي.
ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته ماضي جي حڪومت ڪي پي ۾ رشوت جي بازار گرم ڪري پنهنجا کيس ڀريا
هن چيو ته نواز شريف ڪارڪردگي جي بنياد تي سموري ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو، ڏهن سالن دوران ڪي پي ۾ رڳو تجربا ڪيا ويا آهن..
ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته 2018 کان شروع ٿيل نااهلي عوام 2022 تائين ڀوڳي، زوري آندل ماڻهن لاهور کي تباهه ڪري ڇڏيو، هاڻي شهر ۾ ڪير ڪچرو کڻڻ وارو به ناهي. …..- Advertisement -
