- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته لڳي ٿو ته اليڪشن روڪڻ لاءِ طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن.
رٽرننگ آفيسر جي مقرري معطل ڪرڻ جو پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته کيس لڳي ٿو ته ڪجهه طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن جيئن اليڪشن نه ٿي سگهي.
ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ڪي پي اسيمبلي جي تڪ 91 ڪوهاٽ ۾ رٽرننگ آفيسر جي معطلي بابت پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان پنهنجي مرضي جون رٽرننگ آفيسر لڳائڻ چاهيو ٿا، کيس لڳي ٿو ته ڪجهه طريقا استعمال ٿي رهيا آهن ته چونڊون نه ٿي سگهن، هڪ رٽرننگ آفيسر بيمار ٿيو ته ٻيو مقرر ڪيو ويو، پشاور هائيڪورٽ هڪ ڌڪ سان مقرري معطل ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇو نه توهان تي ڏنڊ هنيو وڃي، نوٽيس کانسواءِ ئي مقرري معطل ڪري ڇڏي، پشاور هائيڪورٽ جي جج نوٽيس جاري ڪرڻ به مناسب نه سمجهو.
سپريم ڪورٽ پشاور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ کانسواءِ ئي عدالتون فيصلا ڪري رهيون آهن، اها تمام گهڻي عجيب ڳالهه آهي، ڇا توهان چاهيو ٿا ته سموري اليڪشن ئي بيهي وڃي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته غير ضروري درخواستون ڇو داخل ٿي رهيون آهن.- Advertisement -
