تازه ترين

پاڪستان جي سرزمين تي افغانستان مان آندل پرڏيهي هٿيارن جي استعمال جو ثبوت ٻيهر هٿ

- Advertisement -
پاڪستان جي سرزمين تي افغانستان مان آندل پرڏيهي هٿيارن جي استعمال ٿيڻ جا ثبوت ٻيهر هٿ ڪيا ويا آهن. پاڪ فوج ٻن ڏهاڪن کان تحريڪ طالبان پاڪستان خلاف دهشتگردي جي جنگ وڙهي رهي آهي. ٽي ٽي پي جي دهشتگردن وٽ افغانستان ۾ آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار موجود هئڻ بابت سڀني کي ڄاڻ آهي. ٽي ٽي پي جي دهشتگردن وٽ پرڏيهي هٿيار هٿ اچڻ سان خطي جو امن خطري ۾ پهچي ويو آهي ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ واڌ ٿي وئي آهي. 31 ڊسمبر تي ڪي پي جي ضلعي باجود ۾ افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ ٽن دهشتگردن کي سيڪيورٽي فورسز ماري ڇڏيو. مارجي ويل دهشتگردن وٽان آمريڪي رائفل ايم فور ڪاربائن ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا. ان کان پهريان 29 ڊسمبر تي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ مارجي ويل دهشتگردن وٽان  ايم فور ڪاربائن ۽ اي ڪي فورٽي سيون رائفل ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو هو. ان کان پهريان به ڪيترائي ڀيرا پاڪستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ پرڏيهي هٿيار استعمال ڪيا ويا. بلوچ لبريشن آرمي به پرڏيهي هٿيارن جو استعمال ڪندي فروري 2022 ۾ نوشڪي ۽ پنجگور ضلعن ۾ ايف جي ڪيمپن تي حملا ڪيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
49 %
2kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
32 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون