تازه ترين

پاڪستان  ۽ ڀارت وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ قيدين ۽ گرفتار مهاڻن جي لسٽن جي مٽاسٽا ٿي

- Advertisement -
پاڪستان  ۽ ڀارت وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ قيدين ۽ گرفتار مهاڻن جي لسٽن جي مٽاسٽا ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب لسٽن جي مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن تي حملا روڪڻ جي معاهدي تحت ٿي.. پاڪستان ۾ ائٽمي ٺڪاڻن جي لسٽ پرڏيهي وزارت ۾ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي کي فراهم ڪئي وئي. ڀارتي پرڏيهي وزارت به ائٽمي ٿاڪن جي لسٽ نئين دهليءَ ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نمائندي کي فراهم ڪئي. ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين ۽ گرفتار مهاڻن جي لسٽن به مٽاسٽا ٿي. پاڪستان ۽ ڀارت سفارتي ذريعن سان هڪٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي لسٽن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي ترجمان موجب قيدين جي لسٽن جي مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ واري معاهدي تحت ٿي، معاهدي تحت پاڪستان ۽ ڀارت هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي لسٽن جي مٽاسٽا ڪرڻ جا پابند آهن. ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي پاڪستان ۾ موجود 266 ڀارتي قيدين جي لسٽ ڏني وئي ۽ ڀارتي قيدين ۾ 49 شهري قيد ۽ 217 مهاڻا شامل آهن. ڀارتي حڪومت نئين دهليءَ ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي آفيسر کي ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستان قيدين جي لسٽ ڏني ۽ ڀارتي جيلن ۾ 462 پاڪستان قيدي موجود آهن، جن ۾ 381 شهري ۽ 81 مهاڻا شامل آهن. پاڪستان ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سمورن پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، جن جي سزا مڪمل ٿي چڪي آهي، ڀارت ۾ قيدي 52 شهري ۽ 56 مهاڻا پنهنجي سزا مڪمل ڪري ڇڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
48 %
1.4kmh
16 %
سُومر
30 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون