تازه ترين

محرابپور جي مقتول صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي ڪنب پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى

- Advertisement -
ڪنب پوليس محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڏاھو  لنڪ روڊ تي ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جڏهن ته سندس ساٿي اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو. پوليس موجب، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ امير عرف عميرو سھتو طور ٿي، جوابدار ساٿين سان گڏجي صحافي عزيز ميمڻ کي قتل  ڪيو هو. پوليس موجب، جوابدار جي قبضي مان ھٿيار هٿ ڪري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ٻين سنگين ڪيسن ۾به گهربل آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.5 ° C
33.5 °
33.5 °
5 %
2.8kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون