مديجي: سکر- لاڙڪاڻو روڊ تي ڪوهيڙي سبب حادثو، 4 عورتون اجل جو شڪار

- Advertisement -
مديجي  ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 4 عورتون فوت ۽ هڪ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سکر- لاڙڪاڻو روڊ تي اڇي مسجد وٽ ڪوهيڙي سبب ٽرالر ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ 4 عورتون فريده، زينت، حاجره ۽ نجمه شيخ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته  رڪشا ڊرائيور عامر جلباڻي، شڪيلا شيخ ۽ وسيم زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاس ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. چئن عورتن جا مڙهه سندن گهرن ۾ ڪهرام تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. فوتين ۽ زخمين جو تعلق مسو ديرو سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي سکر وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوهيڙي سبب حادثو پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. شيخ برادري ۽ فوتي عورتن جي وارثن پاران رتوديرو باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙ رياض شيخ، سانول جلباڻي، اسلم شيخ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته اين جي او وارن جي نااهلي سبب روڊ حادثو پيش آيو آهي، اين جي او جي آفيس رتوديرو ۾ آهي ۽ جايون ٺاهڻ لاءِ آيل امدادي رقم سکر جي بينڪن مان ڏني ٿي وڃي ڇا رتيديري ۾ بينڪون ناهن جو سکر اماڻيو پيو وڃي. هنن چيو ته ٽرالر جي ڊرائيور سميت اين جي او انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي جن جي نااهلي سبب حادثو پيش آيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
43%
1.9m/s
1%
آچر
23 °
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون