- Advertisement -
مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ آئيني ترميم تي معاهدو طئه ٿي ويو آهي.
ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ آرٽيڪل 140 ۾ ترميم اتفاق ٿي ويو، ن ليگ طرفان احسن اقبال ۽ ايم ڪيو ايم طرفان مصطفيٰ ڪمال معاهدي تي صحيحون ڪيون.
معاهدي موجب آرٽيڪل 140 تحت صوبن ۾ ملندڙ فنڊ ضلعي حڪومتن ڏانهن ويندا.
طئه ٿيل معاهدي موجب انتظامي ۽ مالي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا ويندا، اين ايف سي ايوارڊ ۾ آئين ۾ لکيو وڃي ته ڊسٽرڪٽ ۽ ٽائون کي مالي وسيلا ڏنا ويندا ۽ هر چئن ورهين کانپوءِ مڪاني حڪومتن جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي.
ن ليگ سان معاهدي بعد ايم ڪيو ايم اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
معاهدي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي سياسي تاريخ ۾ پهرين نوعيت جو معاهدو آهي، ملڪ معاشي ۽ انتظامي طور بيمار ٿي چڪو آهي، معاهدي تي عمل نه ڪرڻ ايم ڪيو ايم نه پر عوام سان دشمني هوندي.
هن چيو ته ان معاهدي تي پي ٽي آءِ، پ پ ۽ جي يو آءِ سميت سمورين سياسي پارٽين ڏانهن ويندا، ايم ڪيو ايم ميمبر اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم لاءِ ووٽ ڏيندا.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته صدر، گورنر ۽ ڪابينا ۾ شموليت وارا معاملا معاهدي تي عمل کانپوءِ ڏٺا ويندا.
ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ن ليگ هڪ يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن، ٻئي پارٽيون اقتدار عوام تائين منتقل ڪرڻ ۽ ان کي بااختيار بڻائڻ چاهن ٿيون.
هن چيو ته معاهدي جو مقصد عوام جا مسئلا سندس گهر جي چائنٺ تي حل ڪرڻ آهي، ايم ڪيو ايم سان گڏجي ان مقصد لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي.
ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته سياسي پارٽيون ڪجهه واعدا پورا ڪنديون آهن، ڪجهه ناهن ڪنديون، اهي واعدا وزيراعظم ڇو پورا ڪري جيڪي ميئر کي ڪرڻا آهن.
خواجه سعد رفيق چيو ته ٻن وڏين پارٽين عهدا ورهائڻ بدران اصولي موقف اختيار ڪيو آهي، اهو مطالبو ايم ڪيو ايم نه پر 24 ڪروڙ عوام جو آهي…..- Advertisement -
