تازه ترين

مشهور ڀارتي سياستدان بابا صديقي ممبئي ۾ قاتلاڻي حملي ۾ قتل ٿي ويو

- Advertisement -
بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ سلمان خان ۾ دوستي ڪرائيندڙ مشهور ڀارتي سياستدان بابا صديقي ممبئي ۾ قاتلاڻي حملي ۾ قتل ٿي ويو آهي. هٿياربندن بابا صديقي کي پنهنجي پٽ مهاراشٽرا اسيمبلي جي ميمبر ذيشان صديقي جي آفيس ڀرسان گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. بابا صديقي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙن بابا صديقي کي سندس پٽ جي آفيس ويجهو نشانو بڻايو ۽ کيس 6 گوليون لڳيون، جنهن سبب سندس هڪ ساٿي به زخمي ٿي پيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سلمان خان کي ڌمڪيون ڏيندڙ لارنس بشنوئي گروپ بابا صديقي کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. مهاراشٽرا جي وڏي وزير ايڪناٿ شندي جو چوڻ آهي ته انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، پوليس کي هدايتون ڪيون آهن، جڏهن ته ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن جو تعلق اترپرديش ۽ هريانه سان آهي، هڪ جوابدار فرار ٿي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
44 %
0.1kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون