چيني وزيراعظم جو  دورو گيم چينجر ثابت ٿيندو:عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته چيني وزيراعظم جو  دورو گيم چينجر ثابت ٿيندو، ايس سي او ڪانفرنس ۾ پرڏيهي اڳواڻن جي آمد سٺو سنوڻ آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، شيون ٻاهر موڪلڻ ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي،  مهانگائي ۽ واپاري خساري ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي،  سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ سٺي اڳڀرائي ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ايس سي او علاقائي سهڪار بابت اهم فورم آهي ۽ اجلاس پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ايس سي او ڪانفرنس ۾ علاقائي چئلينجن بابت ڳالهيون ٿينديون جنهن ۾ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي. سندس چوڻ هو ته ايس سي او ڪانفرنس ۾ پرڏيهي اڳواڻن جي آمد سٺو سنوڻ آهي، پاڪستان عالمي سطح تي اڀري رهيو آهي ۽ دنيا ڄاڻي ورتو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير جي سربراهيءَ ۾ وفد دورو ڪيو، سعودي عرب پاڪستان ۾ 2 ڏهائي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، تازو ئي ملائيشيا جي وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ چيني وزيراعظم 11 ورهين بعد پاڪستان اچي رهيو آهي سندس دورو گيم چينجر ثابت ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.4 ° C
28.4 °
28.4 °
38%
1.8m/s
85%
اربع
28 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون