تازه ترين

معاشري ۾ مايوسي پکيڙيندڙ عنصر شڪست  کائي چڪا آهن، سڀني کي ملڪ جي بهتر مستقبل تي اعتماد هجڻ گهرجي: آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته معاشري ۾ مايوسي پکيڙيندڙ عنصر شڪست  کائي چڪا آهن، سڀني کي ملڪ جي بهتر مستقبل تي اعتماد هجڻ گهرجي، پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو جائز مقام ضرور حاصل ڪندو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪراچيءَ جو دورو ڪيو، جتي کيس آپريشنل تيارين ۽ پاڪ فوج جي انتظام هيٺ اهم تربيتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري دوران آرمي چيف انو ويسٽا انڊس آءِ ٽي پارڪ جو افتتاح پڻ ڪيو، اهو پارڪ  ملڪ جي نوجوانن کي انفارمينش ٽيڪنالاجي خاص طور ايَ آءِ جي شعبي ۾ تعليم ۽ صنعت وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. افتتاحي تقريب ۾ وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير آءِ ٽي جي شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ ٻڌايو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي بهتر طريقي سان ڪتب آڻي سگهجي ٿو. آرمي چيف منصوبي جي تعريف ڪندي چيو ته اهڙا منصوبا آءِ ٽي انڊسٽري جي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪن ٿا. جنرل عاصم منير ڪراچيءَ ۾ واپاري برادريءَ سان ملاقات ڪئي ۽  اقتصادي ترقي ۾ سندن ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن ايس آءِ افي سي جي ڪارڪردگيءَ جي تعريف ڪئي ۽ ملڪي معيشت ۾ هاڪاري اڳڀرائي جي واکاڻ ڪندي چيو ته ايس آءِ ايف سي وڌيڪ معاشي ترقي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. آرمي چيف  چين، سعودي عرب ۽ يو ايَ اي مدد تي  تعريف ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان وٽ مختلف شعبن ۾ وڏيون صلاحيتون موجود آهن. هن چيو ته جنرل عاصم منير چيو ته قوم کي پاڪستان جي روشن مستقبل تي مڪمل يقين ۽ اعتماد هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان الله جي حڪم سان پنهنجي حقيقي مقام تائين ضرور پهچندو. آرمي چيف چيو ته معاشري ۾ مايوسي پکيڙيندڙ عنصر شڪست  کائي چڪا آهن، سڀني کي ملڪ جي بهتر مستقبل تي اعتماد هجڻ گهرجي، پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو جائز مقام ضرور حاصل ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون