- Advertisement -
پاڪستان کي عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي پهرين قسط ملي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آءِ ايم ايف ايگزيڪيٽو بورڊ طرفان 7 ارب ڊالر تي ٻڌل 37 مهينن جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي جي منظوري بعد آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 2 ڪروڙ 69 ڊالر جي پهرين قسط ملي وئي آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته اها رقم اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ جمع ڪئي ويندي، جيڪي 3 آڪٽوبر 2024 تي جاري ڪيا ويندا.- Advertisement -
