معاشي محاذ تي هو بهترين پوزيشن ۾ اچي ويا آهن : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي محاذ تي هو بهترين پوزيشن ۾ اچي ويا آهن، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ڪرنٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي ۽ ڪرنسي مستحڪم ٿي آهي، ڪالهه پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ ۾ بلندي جو رڪارڊ ٺاهيو آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته سعودي عرب جي سيڙپڪارن کي ڀليڪار ڪن ٿا، سعودي عرب مان خانگي سيڪٽر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو.

سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ريڪوڊڪ تي جلد اڳڀرائي ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني معيشيت ۾ مسلسل استحڪام اچي رهيو آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان جي معيشيت مستحڪم ٿي آهي، جنهن جا نتيجا ملڻ شروع ٿي ويا آهن، گذريل 14 مهينن ۾ هو ميڪرو اڪنامڪ تي ڪري رهيا هئا، اڄ سندن ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪٽر بهتر ٿيا آهن.

هن چيو ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ڪرنٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي ۽ ڪرنسي مستحڪم ٿي آهي، فارن انويسٽرز جون ادائگيون وقت تي ڪيون ويون آهن، پاڪستان جي ڪريڊٽ رينڪنگ ۾ بهتري آئي آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ڪالهه پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ ۾ بلندي جو رڪارڊ ٺاهيو آهي، مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ ۾ اچي چڪي آهي، امڪان آهي ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿيندي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان معاشي سرگرميون بحال ٿينديون.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
36%
6.6m/s
1%
سُومر
26 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون