- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موري ۽ فتح جنگ ويجهو روڊ حادثن جي نتيجي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موري ويجهو قومي شاهراهه تي روڊ حادثي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر سبب جاني نقصان تي ڏک ٿيو آهي، هو متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ڪري ٿو.
وڏي وزير انتظاميا کي هدايت ڪندي چيو ته سمورن زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته الله پاڪ فوتين جا درجا بلند فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحتيابي عطا ڪري.
وڏي وزير هدايت ڪندي چيو ته ڊرائيور پنهنجي گاڏين کي احتياط سان هلائن.
وڏي وزير مراد علي شاهه وفاق کان مطالبو ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي، انڊس هاءِ وي ۽ سپر هاءِ وي تي لائٽون ۽ ريفليڪشن لائٽون لڳايون وڃن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنجاب جي علائقي فتح جنگ ۾ روڊ حادثي ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي به افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
وڏي وزير حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي- Advertisement -
