- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته پنجاب جي بجيٽ ۾ عوام تي ڪابه ٽيڪس نه لڳائي وئي آهي، مخالف ڌر وٽ گوڙ ڪرڻ ۽ گارگند ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي، صوبائي حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي مخالف ڌرکي شڪست ڏيندي، پنجاب کانسواءِ ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ عوام کي سستي ماني نه ملي رهي آهي، انتظامي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت قبول نه ڪئي ويندي.
پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي گوڙ باوجود مريم نواز پنهنجو خطاب جاري رکندي چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجا هڪ سئو ڏينهن مڪمل ڪري ورتا آهن، مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.
سندس چوڻ هو ته هن ڀيري پنجاب جي بجيٽ ۾ عوام تي ڪابه ٽيڪس نه لڳائي وئي آهي، مخالف ڌر وٽ گوڙ ڪرڻ ۽ گارگند ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته صوبائي حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي مخالف ڌر کي شڪست ڏيندي، پنجاب کانسواءِ ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ عوام کي سستي ماني نه ملي رهي آهي، انتظامي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت قبول نه ڪئي ويندي.
هن چيو ته سياسي مخالفن کان انتقام وٺڻ تمام سولو ڪم آهي، اڄ تائين شهباز شريف اهڙو ڪوبه قدم ناهي کنيو ته مخالف جي هيءَ شئي بند ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته بجيٽ منظوري بعد منصوبا شروع ٿي ويندا، پنجاب جي بجيٽ ڪا لفظن جي ڦيرڦار ناهي، مهانگائي ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي ٿي چڪي آهي………..- Advertisement -
