تازه ترين

ملير جي اسٽيل ٽائون پوليس جي بروقت ڪارروائي، سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان ڦورو گرفتار

- Advertisement -
ملير جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس بروقت ڪارروائي ڪري سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان هڪ ڦورو کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ موبائل فون هٿ ڪري ورتي آهي. آچر ڏينهن گلشن حديد جي ايل ٿري مارڪيٽ ۾ ٽن جوابدارن ڦر دوران فائرنگ ڪئي هئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو عبدالنبي ۽ شهري حنيف زخمي ٿي پيا هئا جن جو ڪيس اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي داخل ڪيو ويو. اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس سي سي ٽي وي فٽيجز ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪندي جوابدار سيد شهزاد شاهه پٽ منظور علي شاهه کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جوابدار وٽ هڪ پسٽل، گوليون ۽ موبائل فون هٿ ڪري ورتي. جوابدار کي سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جاچ دوران گلشن حديد، شاهه ٽائون ۽ بن قاسم جي علائقن ۾ به وارداتن جو انڪشاف ڪيو آهي. پوليس موجب، جوابدارن جي ٻين ٻن ساٿين جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ گرفتار جوابدار کي وڌيڪ جاچ لاءِ جاچ اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
30 %
1.7kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون