- Advertisement -
ملڪ جي نئين صدر جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ سڀاڻي پارليامينٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندي.
پولنگ صبح جوج ڏهين وڳي شروع ٿيندي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام چار وڳي تائين جاري رهندي.
صدارتي چونڊ ۾ ٻن اميدوارن ۾ ڪانٽي جو مقابلو آهي.
حڪمران اتحاد جي آصف علي زرداري ۽ سني اتحاد ڪائونسل محمود خان اچڪزئي ۾ ون ٽو ون مقابلو ٿيندو.
حڪمران اتحاد جي آصف علي زرداري کي واضح سرسي، 400 کان وڌيڪ اليڪٽورل ووٽ ملڻ جو چٽو امڪان آهي، جڏهن ته محمود خان اچڪزئي کي 200 جي لڳ ڀڳ ووٽ ملڻ جو امڪان آهي.
آئين جي آرٽيڪل 41 تحت صدر جي چونڊ ٿيندي، چيف اليڪشن ڪمشنر پارليامينٽ هائوس ۾ رٽرننگ آفيسر جا فرض سرانجام ڏيندو.- Advertisement -
