- Advertisement -
هزارين ننڍن ٺيڪيدارن کي فاقا ڪٽڻ تي مجبور ڪندڙ اسڪيم جو سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل پتو لڳائي ورتو.
سوين اسڪولن جي مرمت ۽ اڏاوت جي اربين روپين جي ڪمن ۾ نان ٽيڪنيڪل ڊي جي قدير انصاري جي ڪاريگيري ظاھر ٿي آهي.
ايجوڪيشن ورڪس ذريعي ضلعن اندر ڪم ڏيڻ بدران وڏن ٺيڪيدارن جي سھولتڪاري ڪندي سيپرا قانون جي ابتڙ ون ونڊو ڪارروائي ڪرڻ لاءِ وڏا پيڪيج ٺھرايا ويا آهن.
لاڏلن ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن جي مخصوص ٽولي جي ڳٺ جوڙ ذريعي پيڪيجن ۽ پراجيڪٽن جي بازار لڳائي مقابلي جي رستا روڪ ڪرڻ فيشن بڻجي ويو.
چار نومبر کان سرڪاري طور ٽريننگ تي ھجڻ دوران قدير انصاري غيرقانوني طور 8 نومبر تي ھڪ سڻڀي ٽينڊر جي ٽيڪنيڪل اوپنگ بھ ڪرائي.
سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل کي ٽينڊر کولرائڻ واري اھڙي غيرقانوني عمل جا اهم وڊيو ثبوت به هٿ اچي ويا آهن.
طاقتور ٺيڪيدارن کي خوش ڪرڻ لاءِ سيپرا جي رول 13 جي ابتڙ ري گروپنگ ڪري وڏا پيڪيج ٺاھي ون ونڊو ڪاروائي جو بندوبست ڪيو ويو.
ٺيڪيدارن جي تنظيم نظرانداز ڪرڻ واري اھڙي پاليسي خلاف عدالت جو در کڙڪايو تھ ڪورٽ 19 نومبر تائين اسٽي آرڊر ڏئي ڇڏيو.
برابري وارا موقعا پيدا ڪرڻ بدران ھڪ ھٽي کي ھٿي ڏيندڙ تعليم کاتي جي وزير سردار شاھ وچولي طبقي جي ننڍن ٺيڪيدارن کي چلر چئي چيڙائي وڌو.
سنڌ جي ھزارين ننڍن ٺيڪيدارن تعليم واري وزير جي بيان ۽ پاليسين خلاف 18 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج مظاھرا ڪرڻ جو بھ اعلان ڪري ڇڏيو.
ننڍن ٺيڪيدارن جي تنظيم موجب وڏن ٺيڪيدارن کي اڳ ۾ مليل مختلف اسڪيمون سڊ، اسپائر، سرپ،جياڪا ۽ ڊيپ جا ڪيترائي ڪم رولڙي جو شڪار آھن.
سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل کي وڏن ٺيڪيدارن جي ڊيپ اسڪيم تحت نوشهروفيروز ۾ ڪيل اڻپورن ڪمن جا تصويري ثبوت به ڏنا ويا آهن.
ننڍن ٺيڪيدارن جي تنظيم موجب ويجهڙ ۾ هائي پرائرٽي پروگرام تحت 4560 اسڪول ۽ پولنگ اسٽيشنن لاءِ 12 هزار اسڪول تيار ڪيا پر پوءِ بھ نظرانداز ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب کاتي جو خاص ماڻھو ھجڻ جي ڪري قدير انصاري ٽريننگ دوران بھ هڪ ئي وقت ٽن اهم ۽ سڻڀن عهدن تي ويھي سڻڀن ٽينڊرن جي نگراني ڪرڻ لڳو آهي.
ٺيڪيدارن جي تنظيم الزام ھنيو آهي ته اسٽي ٿيل پراجيڪٽ لاءِ نان ٽيڪنيڪل پراجيڪٽ ڊئريڪٽر قدير انصاري کي مقرر ڪيو ويو ته جيئن ون ونڊو ذريعي گهربل مقصد حاصل ڪري سگهجن.
ننڍن ٺيڪيدارن اھڙا ٽينڊر رد ڪندي ايجوڪيشن ورڪس جي انجنئيرن ذريعي ھر ضلعي ۾ ڌار ڌار ڪم ڏئي کين فاقاڪشي کان بچائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.- Advertisement -
