ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 75 هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

spot_img
- Advertisement -

ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي ڌار سڃاڻپ ۽ مشن ڏيندڙ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 75 هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي.

عظيم قائد محمد علي جناح ننڍي کنڊ​​جي مسلمانن کي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ مشن ڏنو.

قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ 11 سيپٽمبر 1948ع لاڏاڻي تائين ملڪ جو پهريون گورنر جنرل رهيو.

قائداعظم جي وڇوڙي کي 75 ورهيه وهامي ويا آهن، سندس آخري آرام گاهه ڪراچي ۾ آهي.

قائداعظم جي مزار جي اڱڻ ۾ ئي ميوزم آهي جنهن ۾ ملڪ جي باني جي استعمال جون شيون رکيل آهن.

قائداعظم ميوزيم کي حاجي محمد حنيف طيب 1988ع ۾ تعمير ڪرايو هو جتي قائداعظم محمد علي جناح جي قلم کان وٺي سندس ڪار تائين سڀ ڪجهه محفوظ آهي.

ملڪ قائم ڪرڻ جي هڪ سال بعد 11 سيپٽمبر 1948ع تي باني پاڪستان جو قائداعظم محمد علي جناح لاڏاڻو ڪري ويو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
11.9 ° C
11.9 °
11.9 °
23%
1.1m/s
0%
خميس
14 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون