ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ، نظر جي حد گھٽجي وئي

- Advertisement -
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙو برقرار آهي، نظر جي حد گھٽجڻ سبب موٽر ويز جا مختلف سيڪشنز ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ايم ون برهان کان پشاور، اسلام آباد کان چڪري،  ايم 2 بلڪسر کان اسلام آباد ۽ ڪوٽ مومن کان اسلام آباد تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي. ترجمان موجب، ايم 2 ڪلر ڪلهار کان لاهور طرف هيوي ٽريفڪ جي داخلا بند آهي ان سان گڏ ايم 3 فيض پور کان درخانه تائين تائين به بند ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب، موٽر و ايم 4 شاه ڪوٽ کان پنڊي ڀٽيان، موٽر وي ايم 5 ملتان کان ظاهر پير ۽ ايم 14 هڪلا کان ڪوٽ بيليان تائين ڪوهيڙي سبب بند آهي. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ قومي شاهراهه اين 5 تي به ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي، شهرين کي غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ ڊرائيورن کي فوگ لائٽس استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.5 ° C
20.5 °
20.5 °
54%
2.1m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون